گهوٽڪي: فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو نادر علي سندراڻي قتل، غفلت تي وڏو منشي معطل

1 Min Read

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ سليمان گهوٽو ڀرسان فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ ڳوٺ مير انپور جو رهواسي ڳوٺاڻو نادر علي سندراڻي مارجي ويو آهي.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي اي سيڪشن پوليس موقعي تي پهچي لاش کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، جتي مقتول جا وارث پڻ پهچي ويا.
مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن الزام هنيو آهي ته کيس گهوٽا برادري جي ماڻهن دشمني تحت قتل ڪيو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو آهي.
ٻئي طرف، واقعي کانپوءِ فرضن ۾ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي سخت ايڪشن کڻندي اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي يار محمد ابڙو کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ کيس رائونتي ڪچي جي خطرناڪ علائقي بيا فور چوڪي تي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment