خيرپور پوليس جو ڪارنامو: هڪ ڄنگهه کان معذور نوجوان مٿان ڦر ۽ قتل جو ڪيس داخل

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلعي جي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي پوليس هڪ عجيب ڪارنامو ڪندي، هڪ ڄنگهه کان معذور نوجوان کي ڦر ۽ قتل جي سنگين ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي اقبال نالي شهري کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ايف آءِ آر ۾ پوليس هڪ معذور نوجوان راشد کي به جوابدار بڻايو آهي.
مظلوم معذور نوجوان راشد ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پنج سال اڳ هڪ حادثي ۾ منهنجي هڪ ڄنگهه ضايع ٿي وئي هئي ۽ مان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهيان. مان ڪيئن وڃي ڪنهن سان ڦر ڪندس يا گولي هڻي قتل ڪندس؟
ٻئي طرف ڪيس جي فرياديءَ موقف اختيار ڪيو آهي ته هو پنهنجي والد سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته جوابدارن کين روڪيو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري سندس والد اقبال کي قتل ڪري ڇڏيو.
معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پوليس اختيارين چيو آهي ته ڪيس جي شفاف طريقي سان وڌيڪ انڪوائري ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن بيگناهه سان ناانصافي نه ٿئي.

Share This Article
Leave a Comment