سلطان ڪوٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل، هڪ عورت زخمي

1 Min Read

سلطان ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سلطان ڪوٽ ويجهو همايون ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خونريز جهيڙو ڀڙڪي اٿيو آهي.
غلام قادر بکراڻي ۽ ڪيهر بکراڻي جي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيهر بکراڻي ڌر جا ٻه نوجوان، عبدالجبار بکراڻي ۽ آغا بکراڻي گولين جو شڪار ٿي موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب هڪ عورت پڻ سخت زخمي ٿي پئي آهي.
واقعي کانپوءِ سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي ۽ ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري هجڻ ڪري علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراست وارو ماحول بڻيل آهي.
اطلاع ملڻ تي همايون پوليس جي وڏي نفري صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته هن پراڻي خوني تڪرار ۾ هيل تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جن ۾ غلام قادر بکراڻي ڌر جا 3 ڄڻا ۽ ڪيهر بکراڻي ڌر جا هاڻي 2 ڄڻا شامل آهن.

Share This Article
Leave a Comment