اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو ويجهو مريد شاخ وٽ گذريل ڏينهن تيز طوفاني برسات دوران وڻ ڪرڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺ ٻيلو ميراڻي واسي 22 ورهين جو نوجوان سڪندر پٽ شهزادو ميراڻي رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
نوجوان حادثي کانپوءِ علاج هيٺ هو پر زخمن جا سور نه سهندي حياتي وڃائي ويٺو.
مرحوم ڪراچي جي هڪ نجي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نرسنگ جو شاگرد هو، جنهن جي فوتگي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.

اوٻاوڙو ويجهو طوفاني برسات دوران زخمي ٿيل سڪندر ميراڻي اسپتال ۾ فوت
Leave a Comment Leave a Comment

