نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ سيپڪو جي نجڪاري خلاف ٻين علائقن وانگر ضلعي جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
محراب پور ۾ چيئرمين شاهد سمو ۽ جان محمد ڪنڌر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪنڊيارو ۾ چيئرمين ولي محمد ڀاڳت ۽ رياض حسباني جي اڳواڻي ۾ ورڪرز سراپا احتجاج بڻجي ويا.
پڊعيدن ۾ چيئرمين شاهد آرائين ۽ امين انڙ ورڪرز جي ريلي جي اڳواڻي ڪئي. احتجاج ڪندڙ سيپڪو ورڪرز بازوئن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نجڪاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مختلف نعرا هنيا.

سيپڪو نجڪاري خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرا، ملازم روڊن تي نڪري آيا
Leave a Comment Leave a Comment

