جيڪب آباد ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي ويم دوران عورت فوت، وارثن جو احتجاج

1 Min Read

جيڪب آباد (رپورٽر) سٽي ٿاڻي جي حد ۾ جيڪب آباد جي هڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي ويم دوران 22 ورهين جي عورت رابعه جکراڻي فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام لڳائي ميڊيڪل سينٽر ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.
وارث خدا دوست جکراڻي موجب پهرين نارمل ڊليوري ڪرائي وئي هئي، بعد ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي ٻيهر اسپتال آندو ويو.
سندس چوڻ آهي ته ڊاڪٽراڻي ٻڌايو ته پيٽ ۾ هڪ ٻار رهجي ويو آهي، جنهن لاءِ آپريشن ڪرڻو پوندو.
وارثن موجب دير سان آپريشن ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر هلي وئي، جنهن کان پوءِ عورت جي حالت خراب ٿي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي.
واقعي بعد علائقي واسين سخت احتجاج ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment