سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ وڏي واڌ، في تولو سون 4 لک 76 هزار کان وڌي ويو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون 46 ڊالرن جي واڌ سان 4540 ڊالر في اونس جي سطح تي پهچي ويو، جنهن جي اثر هيٺ مقامي بازارن ۾ به في تولو سون 4600 رپيا مهانگو ٿي 4 لک 76 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 3944 رپيا اضافي سان 4 لک 8 هزار 403 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي طرف چاندي جي في تولو قيمت ۾ به 94 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد اها 8153 رپين تي پهچي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment