ڊفينس ۾ علي جعفري تشدد ڪيس، ملزم ارتضيٰ علوي جي عبوري ضمانت منظور

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ نوجوان علي جعفري تي مبينا تشدد واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. عدالت واقعي ۾ ملوث جوابدار ارتضى علوي جي عبوري ضمانت 9 سيپٽمبر تائين منظور ڪري ورتي آهي.

جوابدار ارتضيٰ علوي ايڊيشنل سيشن جج ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت سندس عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس هر ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت پوليس کان ڪيس جا پيپرز طلب ڪندي پراسيڪيوشن ۽ شڪايت ڪندڙ کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

متاثر نوجوان علي جعفري پنهنجي بيان ۾ ابراهيم ملڪ، ابراهيم ۽ علي فيصل سميت ڪجهه نامعلوم جوابدارن جو ذڪر ڪيو هو. عدالت جوابدار ارتضيٰ علوي کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ تحقيقاتي اداري سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

واضح رهي ته ڊفينس ۾ نوجوان علي جعفري تي تشدد جي مبينا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا هئا.

واقعي کانپوءِ متاثر نوجوان رات دير سان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت گرفتار جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هاڻي جوابدار ارتضى علوي جي عبوري ضمانت منظور ٿيڻ بعد ڪيس جي جاچ وڌيڪ اڳتي وڌڻ جو امڪان آهي.

پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد ۽ نامعلوم جوابدارن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس جي رپورٽ ۽ ڪيس جي وڌيڪ تفصيلن جو جائزو وٺندي.

Share This Article
Leave a Comment