12 ورهين جي ٻار جي دل مان گولي ڪاميابي سان ڪڍي وئي

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي خضدار سان تعلق رکندڙ 12 ورهين جي ٻار جي دل ۾ لڳل گولي ڪراچي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز  جي ماهرن ڪامياب سرجري ذريعي ڪڍي ورتي.

ٻار کي خضدار ۾ حادثاتي طور گولي لڳڻ کان پوءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر حالت نازڪ هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي آندو ويو.

اين آءِ سي وي ڊي جي پيڊياٽرڪ ايمرجنسي ۾ هنگامي ايڪو ڪارڊيو گرافي ذريعي دل اندر گولي جي موجودگي جي تصديق ٿي. حالت انتهائي نازڪ هجڻ سبب ٻار کي ڪجهه ئي منٽن اندر آپريشن ٿيٽر منتقل ڪيو ويو.

پروفيسر سهيل خان بنگش جي سربراهي ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين پيچيده سرجري جاري رهي، جنهن دوران گولي ڪاميابي سان دل مان ڪڍي وئي.

ڊاڪٽرن موجب ٻار کي انتهائي نازڪ حالت ۾ آندو ويو هو، تنهنڪري ڪنهن به دير کانسواءِ هنگامي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. طبي ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان سرجري ڪامياب رهي ۽ ٻار هاڻي تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment