ايران سان امن ڳالهين تي معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

1 Min Read

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وچ اوڀر ۾ جنگبندي بابت چيو آهي ته اتي جنگبندي جو مطلب مڪمل طور فائرنگ بند ٿيڻ نه، پر وڌيڪ محدود يا معتدل انداز ۾ فائرنگ به سمجهيو ويندو آهي.
ٽرمپ ايران سان امن ڳالهين بابت اميد ظاهر ڪندي چيو ته معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ جلد ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهن ٿا.
هن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان اختلافن جو به ذڪر ڪيو، پر ساڻس گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ڳالهه ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment