ممبئ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا تبو پنهنجي ذاتي زندگي بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هن جو پنهنجي پيءُ سان ڪڏهن به ڪو گهرو تعلق ناهي رهيو.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن هوءَ رڳو ٽن سالن جي هئي ته سندس والدين ۾ طلاق ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس والد ڀارت ڇڏي پنهنجي ملڪ هليو ويو هو.
اداڪارا چيو ته هن جي ۽ سندس ڀيڻ فرح ناز جي پرورش سندن ماءُ ۽ ناني/نانيءَ حيدرآباد دکن ۾ ڪئي.تبو ٻڌايو ته هن ڪڏهن به پنهنجي نالي سان گڏ پيءُ جو نالو يا ”هاشمي“ جو سرنيم استعمال نه ڪيو آهي.
اداڪارا موجب، سندس زندگيءَ ۾ پيءُ جو ڪو ڪردار يا اثر رسوخ نه رهيو آهي ۽ هوءَ ننڍپڻ کان وٺي ساڻس مشڪل سان ئي ملي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو هڪ ٻئي لاءِ اوپرا آهن، پر ان باوجود سندس دل ۾ پيءُ لاءِ ڪا به رنجش ناهي ۽ هوءَ سندن احترام ڪري ٿي.


