خانپور مهر (ويب ڊيسڪ) خانپور مهر ويجهو ڳوٺ ڪنڊو مهر ۾ جوابدار ميانداد مهر پنهنجي مائيٽياڻي 17 ورهين جي ناري شرما مهر مٿان تيزاب هاري ڇڏيو.
ناري جي امڙ موجب، ناري جي موبائيل فون رکڻ کان منع ڪرڻ تي مڇرجي جوابدار ميانداد مٿس تيزاب سان حملو ڪيو.
تيزاب جي حملي سبب ناري جو چهرو، اکيون، ڇاتي ۽ ٻانهون سخت متاثر ٿيون آهن.
هوءَ ڳالهائڻ کان به قاصر آهي ۽ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

خانپور مهر: موبائيل فون رکڻ تان ناري تي تيزاب هاريو ويو، حالت ڳڻتي جوڳي
Leave a Comment Leave a Comment

