سکر/روهڙي (رپورٽر) دُبر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جاگيراڻي ۾ 25 ورهين جي صابرا زال مجاهد جاگيراڻي کي مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدار ڏير صاحب جاگيراڻي واردات بعد فرار ٿي ويو آهي.
مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

روهڙي ڀرسان نوجوان عورت ڏير هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل
Leave a Comment Leave a Comment

