پشاور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سرڪل پشاور چارسدا جي نادرا سينٽر تي ڇاپو هڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ آفيس انچارج وقار احمد سميت 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
گرفتار اهلڪارن تي افغان شهرين ۽ ٻين پرڏيهين کي غيرقانوني طور ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو الزام آهي.
ڪارروائي دوران اهم دستاويزي ثبوت، رڪارڊ ۽ ٻيو مواد به هٿ ڪيو ويو.
ايف آءِ اي موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين ماڻهن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

افغان شهرين کي غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا نوان ثبوت هٿ، 4 نادرا اهلڪار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

