ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 8 کان 12 جون تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. کاتي موجب اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، پشاور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سبّي، تربت ۽ پنجگور سميت ڪيترائي شهر سخت گرمي جي لپيٽ ۾ رهندا، جڏهن ته ڪراچي ۾ گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب متاثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهي سگهي ٿو.
شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو ڏينهن جي گرم ترين وقتن ۾ ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن، گهڻو پاڻي پيئن، هلڪا ۽ ڍرا ڪپڙا پائين ۽ ٻارن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن جو خاص خيال رکن. گرمي سبب طبيعت خراب ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور طبي امداد حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ اڄ کان 12 جون تائين سخت گرمي جي لهر جو الرٽ جاري
Leave a Comment Leave a Comment

