مبارڪپور: سوشل ميڊيا جي دٻاءَ کانپوءِ ڌرين ڪمينٽ وارو تڪرار نبيري ڇڏيو

1 Min Read

مبارڪپور (رپورٽر) مبارڪپور لڳ ڳوٺ نظام الدين مستوئي ۾ فيس بڪ تي غلط ڪمينٽس ڪرڻ تان پيدا ٿيل تڪرار آخرڪار سوشل ميڊيا تي معاملي جي وائرل ٿيڻ ۽ وڌندڙ دٻاءَ بعد ختم ٿي ويو آهي.
مليل ڄاڻ موجب، معاملو تيز ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو، جنهن بعد پوليس ۽ علائقي جي معززين مداخلت ڪئي.
ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي گهرائي ڳالهين ذريعي راضي نامو ڪرايو ويو ۽ هڪ ٻئي خلاف شڪايتون واپس ورتيون ويون.
ٺاهه کانپوءِ ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون.

Share This Article
Leave a Comment