ڪشمور: گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 7 ورهين جو نينگر فوت، 4 ڄڻا زخمي

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي سيريا روڊ تي يورو گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 7 ورهين جو نينگر علي حسن مزاري فوت ٿي ويو جڏهن ته مائي خيران خاتون ۽ رفيق احمد گلراڻي مزاري زخمي ٿي پيا.
حادثي جا شڪار ڳوٺ غلام محمد مزاري لڳ بڊاڻي جا رهواسي هئا جيڪي موٽرسائيڪل تي سفر ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار يورو گاڏي کين ٽڪر هنيو.
واقعي بعد فوتي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ وارثن ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment