نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪچن ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ضلعي جي مختلف شهرن مان آيل ملازمن چيو ته هو 2019 کان کاتي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين کين ريگيولر نه ڪيو ويو آهي.
مظاهرين موجب سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رپيا هجڻ باوجود کين 32 هزار رپيا پگهار ڏني پئي وڃي، جيڪا نوٽيفڪيشن جي ابتڙ آهي.
هنن چيو ته وقت سر پگهار نه ملڻ سبب گهرن ۾ سخت مالي پريشاني ۽ فاڪاڪشي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

نوشهروفيروز ۾ پبلڪ هيلٿ جي ڪچن ملازمن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

