خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ضلعي جي گمبٽ ۽ گمس اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي بابت شڪي ڪيسن سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي.
تازين رپورٽن موجب وڌيڪ ٽي شڪي ٻارڙا وارڊ ۾ داخل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد اهڙن ٻارن جو مجموعي انگ پنج تائين پهچي ويو آهي.
فوتي ٻارڙي جي وارث بشير ناريجو موجب، ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿيل مريض سمائرا ناريجو کي حالت خراب ٿيڻ تي ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي.
وارث الزام لڳايو آهي ته گمس اسپتال جي عملي جي مبينا غفلت سبب سندس نياڻي متاثر ٿي ۽ پوءِ فوت ٿي وئي.
هو صحت کاتي کان جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو آهي.
گمس اسپتال انتظاميا تي اهو الزام هنيو پيو وڃي ته حقيقتون لڪايون پيون وڃن.
مليل ڄاڻ موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ 10 مهينن جو احمد جتوئي به گمس اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل هو، جيڪو فوت ٿي ويو هو.
جيتوڻيڪ ان جي موت جي سرڪاري سبب بابت تفصيلي تصديق اڃا سامهون ناهي آئي.
ايڇ آءِ وي جي شڪ ۾ 10 مهينن جي مهوش، 12 مهينن جو طالب، 10 مهينن جو شاهزيب اسپتال داخل ڪيا ويا آهن.
انهن ٻارن کي ايڇ آءِ وي جي شڪ تحت طبي نگراني ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته وارڊ ۾ موجود شڪي ڪيسن جو مجموعي انگ 5 ٿي ويو آهي.
صحت کاتي معاملي جو نوٽيس وٺندي گمس اسپتال ۾ سي ڊي سي ۽ ايڇ آءِ وي سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي، جتي ٻارن جي اسڪريننگ ۽ جاچ جو عمل جاري آهي.
ٻارن جا نمونا پي سي آر ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن، جن جا حتمي نتيجا اڃا تائين سامهون ناهن آيا.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو شروعاتي اسڪريننگ يا شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي ايڇ آءِ وي متاثر قرار نٿو ڏئي سگهجي، حتمي نتيجا هميشه ليبارٽري پي سي آر رپورٽن کان پوءِ ئي سامهون ايندا آهن.
گمبٽ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي بابت شڪي ڪيسن ۽ ٻارڙيءَ جي فوت ٿيڻ بعد عوامي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي.
صحت کاتو صورتحال تي نظر رکندي وڌيڪ جاچ جاري رکي رهيو آهي جڏهن ته حتمي رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته جيئن اصل حقيقت واضح ٿي سگهي.

گمبٽ ۾ ٻارڙا تيزي سان ايڇ آءِ وي مرض ۾ وڪوڙجڻ لڳا، معاملو ڪيترو ڳنڀير؟
Leave a Comment Leave a Comment

