اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم گلگت بلتستان جي عوام کي به پرامن چونڊن تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڪثريتي سياسي جماعت طور سامهون آئي آهي، پيپلز پارٽي مبارڪباد جي حقدار آهي. هن صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد پيش ڪئي.
هن چيو ته ن ليگ جي ڪامياب اميدوارن کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جن سٺو مقابلو ڪيو. ن ليگ جي ٽيم ڀرپور محنت ڪئي، مان کين شاباشي ڏيان ٿو.
وزيراعظم چيو ته سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي گلگت بلتستان جا عوام به جس لهڻي، پرامن ۽ شفاف چونڊون ۽ سياسي سرگرميون جمهوريت جو حسن آهن، اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ اڻڌرين چونڊن کي يقيني بڻايو، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.
وزيراعظم موجب، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به پرامن چونڊون ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
واضح رهي ته گلگت بلتستان اسيمبلي لاءِ پولنگ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو جاري آهي، جنهن موجب هينئر تائين پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ 9 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي.


