ڪشمور ۾ مبينا پوليس مقابلو، بدنام ڏوهاري ملھو بهلڪاڻي مارڻ جي دعويٰ

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ضلعي ڪشمور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران پوليس مبينا مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري ملگزار عرف ملھو بهلڪاڻي مارجي ويو.
پوليس موجب ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي سربراهي ۾ غوثپور ٿاڻي جي حد نئون روڊ ڀرسان انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ملھو بهلڪاڻي مارجي ويو ۽ سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري مزمل ۽ گل حسن پھنور قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار ۽ شهيد پوليس اهلڪار محمود لاشاري جي قتل ڪيس ۾ به گهربل هو.
جوابدار خلاف ڀنگ لاءِ اغوا، ڦر، ڀتا خوري، قتل ۽ پوليس تي حملن سميت 70 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا، جڏهن ته سندس ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment