دريا خان مري ۾ دلاور خاصخيلي جو قاتل سڳو سئوٽ نڪتو، ڏوهه جو اعتراف

1 Min Read

نوشهروفيروز/دريا خان مري (رپورٽر) ڳوٺ عثمان خاصخيلي ۾ ٻه ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان دلاور خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
پوليس موجب جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته مقتول جو سئوٽ ۽ دوست غلام مصطفيٰ خاصخيلي به قتل ۾ ملوث هو.
پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن ۽ سندس ساٿي پيار علي خاصخيلي 3 ڏينهن اڳ مقتول کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي.
جوابدارن مقتول کي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي ڇرن ۽ چاڪن جا وار ڪري قتل ڪيو، جڏهن ته شڪ کان بچڻ لاءِ بعد ۾ فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
ٻئي طرف مقتول جي پيءُ طالب خاصخيلي جي فرياد تي چار ڄاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب مقتول جي ڇهه ڏينهن اڳ مڱڻي ٿي هئي، جڏهن ته جوابدار ڌر به ساڳي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهيندي هئي، جنهن تان تڪرار پيدا ٿيو.
فريادي الزام هنيو آهي ته جوابدارن رٿابندي تحت دلاور خاصخيلي کي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي ڇرا، چاڪو ۽ ڏاٽئي سان قتل ڪيو.
پوليس موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment