ڪراچي بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
چيف سيڪريٽري جي حڪم تي قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته بي آر ٽي جي ٻن ٻين آفيسرن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا ويا آهن.
مالي گهوٻين ۾ ملوث ٻيو اهم جوابدار، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جمن داس اڃا تائين جاچ ۾ شريڪ ناهي ٿيو.
ياد رهي ته هن ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، جمن داس، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طحا عزيز کي طلب ڪيو ويو هو.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب، سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو يلو لائين منصوبي سان لاڳاپيل مڪمل رڪارڊ جاچ آفيسر آڏو پيش ڪن ته جيئن معاملي جي شفاف جاچ ٿي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment