راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) لبناني هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل روڊولف هيڪل جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، هن اعليٰ سطحي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال، دفاعي سهڪار ۽ ٻه طرفي فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏيوٺ ڪئي.
ڳالهين ۾ خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ پيشيوراڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، تربيتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ادارتي رابطن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو.
هي دورو پاڪستان ۽ لبنان جي هٿياربند فوجن وچ ۾ ويجهي فوجي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو مظهر آهي.

لبناني فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان اهم ملاقات
Leave a Comment Leave a Comment

