جيڪب آباد: ڳڙهي حسن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان سام دوران مبينا قتل

2 Min Read

جيڪب آباد ( رپورٽ: حاڪم  شيخ ) جيڪب آباد جي علائقي ڳڙهي حسن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان سام دوران پراسرار نموني قتل ٿي ويو.

ڳوٺ اشفاق کوسو ۾ سام طور مائٽن وٽ ترسيل 25 ورهين جو امداد پٽ اڪبر ڪنڊراڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي آرڊي 44 ٿاڻي جي پوليس تعلقي ٺُل اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.

ٻي طرف نوجوان جي ڀاءُ ڀوتار ڪنڊراڻي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ امداد تي ڪارنهن جو الزام لڳو هو، جنهن بعد هو ڳوٺ اشفاق کوسو ۾ مائٽن وٽ سام طور ترسيل هو.

هن ٻڌايو ته سندن نذاڪت ڪنڊراڻي واري ڌر سان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن جو فيصلو 2 ڏينهن اڳ ڪوئيٽا ۾ ٿيو هو، مٿن 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، هنن ڏنڊ جي اڌ رقم به ادا ڪئي، ان باوجود سندس ڀاءُ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

هوڏنهن الزام هيٺ آيل صحافي نزاڪت ڪنڊراڻي هو ڀائرن سميت ڪوئيٽا ۾ رهيل آهن، امداد ڪنڊراڻي مائٽن جي گهر ۾ قتل ٿيو آهي، مٿن قتل جا الزام ڪوڙا آهن، انڪوائري ڪري ملوث جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.

پوليس موجب نوجوان امداد ڪنڊراڻي ڳوٺ فيروز ڪنڊراڻي جو رهواسي هو، مٿس ڪارنهن جو الزام لڳل هو، جنهن بعد هو سام طور اشفاق کوسو وارن جي گهر ۾ سام طور ترسيل هو، شروعاتي جاچ موجب هن کي گهر ۾ گولي لڳي هئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment