جيڪب آباد (رپورٽ – حاڪم علي) جيڪب آباد سٽي ٿاڻي جي حد ۾ شڪارپور حويلي جي رهواسي وشال ڪمار جي گهر ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڪمري ۾ لڳل ايئر ڪنڊيشنر (اي سي) کي اوچتو باهه لڳي وئي.
اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب ڪمري ۾ موجود وشال ڪمار جي گهرواري سمرن ڪماري باهه جي لپيٽ ۾ اچي وئي ۽ سڙي فوت ٿي وئي.
حادثي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن سميت علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


