اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس (GST) لاڳو ٿيڻ ۽ مختلف شين کي ٿرڊ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
فنانس بل جي دستاويزن موجب، انهن قدمن سان قومي خزاني کي 70 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيندي، پر ان سان عوامي استعمال جي سوين شين جا اگهه وڌي ويندا.
بجيٽ تحت کير، ڊيري پروڊڪٽس، کائڻ جو تيل، گيهه، مصالحا، بيڪري شيون، ڪيچپ، جيلي، پلاسٽڪ ۽ سينيٽري جو سامان مهانگو ٿي سگهي ٿو.
ان کان سواءِ عام واهپي واريون شيون جهڙوڪ شيمپو، وارن جو تيل، پرفيوم، باڊي اسپري، ڪراڪري، سفري بيگ، ڪئمرائون، زرعي دوائون ۽ اي سگريٽ پڻ مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي.
ٻئي طرف بجيٽ ۾ امير طبقو پڻ ٽيڪس نيٽ ۾ آيو آهي، جتي لگزري اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائي وئي آهي، جنهن سان حڪومت کي 25 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. جڏهن ته صنعتي ۽ واپاري درآمد ڪندڙن جي منافعي جو فرق ختم ڪري قومي خزاني ۾ 30 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

نئين بجيٽ ۾ جي ايس ٽي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سوين شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

