ماتلي (رپورٽ: بخشڻ علي لغاري) ماتلي ويجهو ملهڻ واري علائقي ۾ اسڪول جي شاگردن کي کڻي ويندڙ ڪيري وين کي ايل پي جي گئس ليڪ ٿيڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڊرائيور جي بروقت قدم سبب سمورا شاگرد محفوظ رهيا ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
ڪيري وين ٺري نظاماڻي، حاجي سانوڻ ۽ ملهڻ واري علائقي مان شاگردن کي کڻي ماتلي اچي رهي هئي ته رستي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب گاڏي کي باهه لڳي وئي. ڊرائيور پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ فوري طور گاڏي روڪي ۽ سمورن شاگردن کي هيٺ لاهي ورتو.
ڊرائيور جي حاضر دماغي ۽ بروقت ڪارروائي سبب معصوم ٻارڙا وڏي حادثي کان محفوظ رهيا. واقعي ۾ گاڏي کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.


