گمبٽ قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ )  قومي شاهراهه تي ويگو گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۽ فوت ٿيلن کي فوري طور تي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري طبي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

رپورٽن مطابق فوت ٿيندڙن ۾ سڪندر جوڳي، فدا حسين ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

پوليس ٻڌايو آهي ته ويگو گاڏي جي مالڪن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين وڌيڪ جاچ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي.

واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment