ملڪ ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي تيز برساتن جي اڳڪٿي

2 Min Read

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ جولاءِ جي پهرئين هفتي دوران چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪندي مختلف علائقن ۾ اَنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ، شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) ۽ لينڊ سلائيڊنگ بابت خبردار ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب، 30 جون جي شام يا رات کان اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي،

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ مان گهميل هوائون ملڪ جي اوڀر ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته 2 جولاءِ کان بنگالي نار مان به گهم واريون هوائون ملڪ جي مٿانهن علائقن جو رخ ڪنديون.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب، پهرئين کان 6 جولاءِ دوران ڪشمير، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد سميت مختلف علائقن ۾ انڌاري گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، 3 ۽ 4 جولاءِ تي سنڌ جي شهرن سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن جڏهن ته پهرئين کان 4 جولاءِ دوران بلوچستان جي اترين ۽ اتر اوڀر وارن ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 2 کان 6 جولاءِ دوران مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، جڏهن ته پهرئين کان 4 جولاءِ تائين اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، گوجرانوالا، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو به موجود آهي.

Share This Article
Leave a Comment