قطر ۾ منجمند اربين ڊالرز جا اثاثا جلد جاري ڪيا ويندا: ايراني صدر

1 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان دعويٰ ڪئي آهي ته قطر ۾ منجمد ايراني اثاثن مان 6 ارب ڊالرز جلد ايران کي جاري ڪيا ويندا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مجموعي طور 12 ارب ڊالرن جي منجمد رقم مان اڌ رقم ايران ڏانهن منتقل ڪئي ويندي.

ايراني صدر چيو ته اها اڳڀرائي جاري ڳالهين ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود سامهون اچي رهي آهي، جڏهن ته هن اهو به تسليم ڪيو ته صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ معاملن تي اڳڀرائي جاري آهي.

ٻئي طرف آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هيل تائين ايران جي ڪنهن به منجمد اثاثي جي منتقلي عمل ۾ ناهي آئي.

هوڏانهن خليجي علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي ايران پاران بحرين ۽ ڪويت تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جون اطلاعون سامهون آيون آهن.

ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي حملا جاري رهيا ته ڳالهيون مڪمل طور روڪي ڇڏيون وينديون، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment