ويسٽ انڊيز کي شڪست، آسٽريليا وومينز ٽيم اٺون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

1 Min Read

اوول ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا وومينز ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ويسٽ انڊيز وومينز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهيون. ٽيم جي طرفان ڪپتان هيلي ميٿويز 30 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي.

آسٽريليا طرفان بالنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي صوفِي مولينيڪس، اشيلي گارڊنر ۽ جارجيا ورهام 2-2 وڪيٽس حاصل ڪيون.

جواب ۾ آسٽريليا وومينز 126 رنسن جو هدف 13هين اوور ۾ صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. شاندار بيٽنگ ڪندي بيٿ موني 61 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، جڏهن ته اشيلي گارڊنر 35 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهي.

ٻيو سيمي فائنل انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ جمعرات تي کيڏيو ويندو. فائنل ۾ ڪير پهچندو، ان جو فيصلو ان ميچ کانپوءِ ٿيندو.

واضح رهي ته ايونٽ جا ميچز پاڪستان ۾ جيو سوپر ۽ مائڪيو ايپ تي لائيو نشر ڪيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment