سيسي ۾ ٻٽيون پگهارون وٺڻ وارو معاملو، 21 ملازمن کان واڌو رقم واپس وٺڻ جو حڪم

2 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي پورهيت کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ ٻٽيون پگهارون وٺڻ واري معاملي تي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ٻٽيون پگهارون وٺندڙ 71 ملازمن مان 40 ملازمن کي آجو قرار ڏنو ويو آهي. انسپيڪشن ٽيم جو چوڻ آهي ته اهي ملازم سيسي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ٻين سرڪاري کاتن مان پگهارون وٺندا هئا، پر سيسي ۾ مقرري کانپوءِ کين ڊبل پگهارون وصول نه ٿيون.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 21 ملازمن ڊگهي عرصي تائين ٻٽيون پگهارون وصول ڪيون، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واڌو وصول ڪيل پگهارون واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

انسپيڪشن ٽيم موجب 10 ملازمن ٿوري عرصي لاءِ ٻٽيون پگهارون وصول ڪيون، جيڪي واڌو رقم واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

رپورٽ موجب 14 ملازمن سيسي طرفان جاري ڪيل نوٽيسن جو جواب نه ڏنو، جنهن بعد کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

صوبائي وزير محنت سعيد غني اڳ ئي ٻٽيون پگهارون وٺندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي سنڌ جي وڏي وزير پڻ حمايت ڪئي آهي.

اختيارين موجب ٻٽيون پگهارون وٺندڙ ملازمن سبب سيسي جا روزاني انتظامي ڪم متاثر ٿي رهيا هئا، جنهن کانپوءِ سمورن ملازمن جا تفصيل اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کان حاصل ڪيا ويا.

اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ طرفان موڪليل تفصيلن ۾ ملازمن کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو، جن ۾ 40 ملازم اڳوڻن کاتن مان پگهار وٺندڙ، 21 ڊگهي عرصي تائين ڊبل پگهارون وٺندڙ ۽ 10 ٿوري عرصي لاءِ ٻٽيون پگهارون وٺندڙ شامل آهن.

Share This Article
Leave a Comment