ڪراچي ۾ 6 ورهين جو ٻارڙو اغوا بعد قتل، پاڙيسري گرفتار

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ 6 ورهين جي ٻار محمد ولي کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ مبينا طور زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب محمد ولي سومر جي شام گهر ٻاهران شيءِ وٺڻ لاءِ نڪتو هو، جنهن کانپوءِ گم ٿي ويو. وارثن جي شڪايت تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سندس ٻوري ۾ بند تشدد ٿيل لاش گهر ڀرسان مليو.

وارثن جو چوڻ آهي ته هو ٻن ڏينهن تائين معصوم ٻار جي ڳولا ڪندا رهيا. هنن الزام هنيو ته ٻار کي پاڙيسري جي گهر ۾ قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس لاش ٽين ماڙ تان هيٺ اڇلايو ويو. وارثن موجب کين پاڙيسري جي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان به روڪيو ويو.

ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب گرفتار جوابدار حمزه مقتول جو پاڙيسري آهي. شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار مبينا طور ٻار سان زيادتي ڪرڻ کانپوءِ کيس قتل ڪيو.

پوليس موجب جوابدار کي علائقي واسين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مقتول جي والدين چيو آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني نه هئي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

واضح رهي ته 6 ورهين جو محمد ولي پنهنجي پنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو هو.

Share This Article
Leave a Comment