نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ ڀرنڊ جو رهواسي 14 ورهين جو مير سولنگي عرف ميوو سولنگي روزگار جي سلسلي ۾ خانيوال وڃي رهيو هو، جيڪو خانيواَل ريلوي اسٽيشن تان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.
وارثن موجب نوجوان کي گم ٿئي ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين سندس ڪا به خبر نه ملي سگهي آهي، جنهن سبب گهر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.
وارثن لاڳاپيل اختيارين ۽ عوام کان اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي مير سولنگي بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته کين فوري طور آگاهه ڪيو وڃي، جيئن نوجوان کي محفوظ نموني گهر واپس آڻي سگهجي.


