ڪراچي/ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ هڪ عورت سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب ڄامشورو پوليس سائوٿ زون پوليس جي اطلاع تي ٽول پلازا وٽ ناڪابندي دوران ڪارروائي ڪندي ڏهرڪي واسي مک جوابدار رام چند، ۽ سکر واسي ساگر کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته مجموعي طور هڪ عورت سميت 7 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار واردات کانپوءِ موٽروي رستي حيدرآباد طرف وڃي رهيا هئا، جتي کين گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ سمورن جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيلن وٽان 25 لک رپيا روڪ رقم، هڪ ڪار، ٽي موٽر سائيڪلون ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
جاچ دوران جوابدارن مبينا طور اعتراف ڪيو ته ڊاڪٽر آڪاش کان ڦريل رقم جو ڪجهه حصو ڪراچي ۾ پنهنجي ساٿين ۾ ورهايو ويو، جڏهن ته باقي رقم کڻي حيدرآباد طرف وڃي رهيا هئا، جتي هو گرفتار ٿي ويا.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ انڪشافن کانپوءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي.


