اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان پيٽرول پمپس ايسوسيئيشن سڀاڻي رات 12 وڳي کان سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ غير معين مدي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آل پاڪستان پيٽرول پمپس ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نعمان علي بٽ وڊيو بيان ۾ چيو ته وزارت پيٽروليم سان ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.
هن چيو ته حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ روزاني بنياد تي تبديلي آڻڻ وارو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ۽ ايسوسيئيشن حڪومت جي تجويز ڪيل ڊيلي پرائسنگ ميڪينزم کي مڪمل طور رد ڪري ٿي.
نعمان علي بٽ موجب، ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڀاڻي رات 12 وڳي کان سڄي پاڪستان ۾ پيٽرول پمپ غير معين مدي تائين بند رهندا.
واضح رهي ته حڪومت تازو فيصلو ڪيو هو ته پيٽروليم شين جي نئين پرائسنگ ميڪينزم تحت اوگرا هاڻي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون ايڪس ڊپو قيمتون روزاني بنياد تي جاري ڪندي.


