ايران ۽ آمريڪا صبر جو مظاهرو ڪن، ٽياڪڙي جاري رکنداسين: وزيراعظم شهباز شريف

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي پهتل ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن، علائقي جي تازي صورتحال ۽ امن لاءِ سفارتي ڪوششن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي اطلاعات وزير عطاالله تارڙ، مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف علائقي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي خطي ۾ وڌيڪ بيچيني ۽ عدم استحڪام جو سبب بڻجن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ “ديانتدار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار” جي حيثيت سان علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو سفارتي ڪردار جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي.

بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف هن مهيني جي شروعات ۾ پنهنجي تهران جي دوري جو به ذڪر ڪيو ۽ ايران جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پڌرنامي موجب، ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني پاڪستاني قيادت جي مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ايران جي قيادت طرفان وزيراعظم شهباز شريف لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو.

هن چيو ته سندس پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مقصد سان ڪيو پيو وڃي.

وزيراعظم هائوس موجب، ايراني گهرو وزير وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي انهن سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” طئي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment