ڪشمور (شير باز کوسو) ڪشمور لڳ ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان صدام سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ مقتول جو لاش سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جي ماءُ الزام لڳايو آهي ته سندس پٽ صدام سولنگي کي پنهنجي ئي برادري جي ڪجهه ماڻهن قتل ڪيو آهي، هن اختيارين کان انصاف ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
لاش گهر پهچڻ تي مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل رهي.
هوڏانهن ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، حقيقتون سامهون اچڻ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


