اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ڀارت سلال ڊيم جا سمورا آئرن گيٽ کولي ڇڏيا، جنهن سبب چناب درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي.
پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي سبب پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
پنجاب جي آبپاشي کاتي موجب سلال ڊيم جا دروازا کلڻ بعد هيڊ خانڪي، قادر آباد ۽ لهڙي هيڊ گوگي وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
لاهور ڀرسان هيڊ مرالا ۽ بلوڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته نارووال جي نالي بسنتر ۾ به وچولي سطح جو ٻوڏ جو وهڪرو موجود آهي.
ٻئي طرف تربيله، چشمہ، منگلا، نوشهره، چنيوٽ برج ۽ نالي ڊيڪ ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ رپورٽ ڪئي وئي آهي.
پاڻي جي آمد ۽ اخراج جي انگن اکرن موجب تربيله ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1519.11 فوٽ ۽ منگلا ڊيم ۾ 1183.90 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ادارن موجب هيڊ مرالا، خانڪي، قادر آباد، منگلا، لهڙي ۽ بلوڪي وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن.


