گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ مير محمد سولنگي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي راند کيڏندي معصوم ڀاءُ ڀيڻ پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
فوت ٿيلن ۾ 8 ورهين جو سجاد ۽ 6 ورهين جي يسرا شامل آهن، جيڪي گهر ٻاهران راند کيڏندي تلاءَ ۾ ڪري پيا ۽ ٻڏي فوت ٿي ويا.
معصوم ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانئجي وئي.


