ڪراچي ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

1 Min Read

ڪراچي   ( ويب ڊيسڪ ) ڪياماڙي جي جئڪسن ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 7 ورهين جي نينگري دعا کي اغوا ڪرڻ ۽ ساڻس زيادتي ڪرڻ وارو جوابدار مارجي ويو.

ايس ايس پي ڪياماڙي سنگهار ملڪ موجب، جئڪسن پوليس نينگري دعا جي اغوا، زيادتي ۽ قتل واري ڪيس جي جاچ ۾ مصروف هئي، جنهن دوران سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين شاهدن جي بنياد تي هڪ شڪي شخص جي موجودگي بابت اطلاع مليو.

هن ٻڌايو ته پوليس اسٽريٽ مبارڪ مسجد ڀرسان پهتي ته شڪي جوابدار پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ ٿيل فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار مارجي ويو.

ايس ايس پي ڪياماڙي موجب، واقعي واري هنڌ تان سمورا شاهد ۽ ثبوت تحويل ۾ وٺي قانوني ۽ فرانزڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ۽ نينگري دعا جي اغوا، زيادتي ۽ قتل واري ڪيس سان سندس ممڪن لاڳاپي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هوڏانهن پوليس سرجن معصوم نينگري دعا سان زيادتي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment