گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ٻٻرلوءِ ڌرڻي دوران گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪيل پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي آزادي لاءِ قومپرست ڌرين پاران گمبٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف نعريبازي ڪندي الزام لڳايو ته پريا ڪماري، اجالا سولنگي، نويد لاشاري ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن مان اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد ڪيو، کين زبردستي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سهڻي پارس سميت گرفتاري بعد گم ڪيل سمورن اڳواڻن کي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي، سندن خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.


