ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس پاڪستان ۾ صحافين جي روزگار جي تحفظ، رهيل پگهارن جي فوري ادائيگي ۽ ليبر قانونن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايف جي جي صدر زوليانا لينز ۽ انتھوني بيلينجر وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ ڏانهن لکيل خط ۾ ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان ۾ صحافين جي روزگار جي تحفظ، رهيل پگهارن جي ادائيگي ۽ ليبر قانونن تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
خط ۾ حڪومت کان جنگ گروپ، دنيا، ايڪ نيوز، سنو نيوز، آج نيوز، 365 نيوز ۽ نيوز ون سميت ٻين ميڊيا ادارن مان ٿيل جبري برطرفين جي جاچ ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.
آءِ ايف جي پاڪستان ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ قانوني دٻاءُ ختم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته پيڪا سميت اظهار جي آزادي محدود ڪندڙ قانونن ۾ اثرائتيون ترميمون آنديون وڃن. تنظيم مطالبو ڪيو ته ميڊيا ورڪرز کي قانوني نوٽيس، معاوضي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ نوڪري مان نه ڪڍيو وڃي.
خط ۾ اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ فري لانس ميڊيا ورڪرز کي به مڪمل ليبر تحفظ فراهم ڪرڻ، رهيل پگهارن جي فوري ادائيگي ۽ جبري برطرفين جو سلسلو ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. آءِ ايف جي چيو ته آزاد ميڊيا ۽ صحافين جي بنيادي حقن جو تحفظ جمهوري نظام لاءِ لازمي آهي.
تنظيم حڪومت کان صحافين خلاف قانوني ۽ سائبر قانونن جي مبينا غلط استعمال جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي ميڊيا انڊسٽري جو بحران فوري حڪومتي توجهه جو طلبگار آهي، ٻي صورت ۾ آزاد صحافت وڌيڪ متاثر ٿيندي. آءِ ايف جي پاڪستان ۾ صحافين خلاف ايف آءِ اي ۽ سائبر ڪرائيم قانونن جي استعمال تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي.
هوڏانهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر رانا محمد عظيم، سيڪريٽري جنرل شڪيل احمد، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر اعجاز احمد ۽ جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار نقوي پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ پاڪستان جي ميڊيا صنعت بابت آءِ ايف جي جي موقف جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت کي ميڊيا ادارن ۾ جبري برطرفين ۽ پگهارن جي عدم ادائيگي جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي.


