خيرپور: (شڪيل جانوري) پريا ڪماري رهائي ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ لياقت جلباڻي، سهڻي پارس ۽ ڌرڻي دوران کنڀي گم ڪيل مغوي ٻارن جي وارثن کي خيرپور پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
ايڪشن ڪميٽي موجب، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي دوران کنڀي گم ڪيل اڳواڻن ۽ وارثن جي آزادي کانپوءِ اڄ پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي.
اڳواڻن چيو آهي ته پريس ڪانفرنس دوران پوليس ڪارروائي، گرفتارين ۽ ان کانپوءِ پيش آيل سموري صورتحال بابت تفصيلي موقف پيش ڪيو ويندو.
سهڻي پارس چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ جي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پريس ڪانفرنس دوران احتجاجي تحريڪ جي ايندڙ حڪمت عملي بابت پڻ اهم اعلان ڪيا ويندا.


