ميهڙ (رپورٽ: عبدالله سومرو): رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ميهڙ ۾ احتجاج ڪيو ويو.
ايس يو پي ڪارڪنن جانورن تي ايريگيشن عملدارن جا نالا لکي ميهڙ باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.
احتجاج دوران ايس يو پي دادو ضلعي صدر سڪندر علي سوڍر، عبدالمجيد سوڍر، سرور سوڍر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي بنجر بڻائڻ لاءِ هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي.
اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ کين پنهنجون زرعي زمينون گهٽ قيمتن تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.


