ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) جلال پور ڪينال ۽ ٻين تڪراري ڪينالن ذريعي سنڌ جي پاڻي جي ورڇ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.
حيدرآباد ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عورتن سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. مظاهرين پاڻي چوري بند ڪريو ۽ ڪينال نامنظور جا نعرا هنيا.
روشن ٻرڙي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه مان نوان ڪينال قبول نه ڪيا ويندا، سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته تڪراري فيصلا واپس ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.
ڪوٽڙي ۾ به ايس يو پي جي سڏ تي جلال پور ڪينال خلاف احتجاج ڪيو ويو. لطيف چوڪ کان الله وارو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر کڻي “ڪينال نامنظور” جا نعرا هنيا.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو ۽ درياهه جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. هنن جلال پور ڪينال سميت سنڌ جي پاڻي کي متاثر ڪندڙ منصوبن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي جلال پور ڪينال ۽ ٻين تڪراري ڪينالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي محمد نواز رند، عبدالحڪيم بڙدي، محمد خان سولنگي، تاج محمد پنهيار ۽ ٻين ڪئي.
اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان نون ڪينالن جي تعمير سنڌ جي پاڻي، زراعت ۽ معيشت لاءِ نقصانڪار آهي، ان ڪري سنڌ جي رضامندي کانسواءِ اهڙا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن.
مورو ۾ به سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ جلال پور ڪينال خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايس يو پي اڳواڻ رمضان ٻرڙو، ياسين سومرو، صمد ڀٽي، امتياز ڏاھري ۽ ٻين ڪئي.
ريلي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قانوني تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي، زراعت، معيشت ۽ ثقافت جو بنيادي سرچشمو آهي، ان جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي ناجائز قبضي جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي.
گمبٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان به جلال پور ڪينال خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي پاڻي جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلال پور ڪينال سميت سنڌ جي پاڻي سان لاڳاپيل تڪراري منصوبا واپس ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.


