مٽياري: (عادل خشڪ) مٽياري ڀرسان گاهه ڪرڻ واري معاملي تان کوسا ۽ منڱريا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ منڱريا برادري جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
زخمين ۾ ممتاز، گلڻ ۽ نعمان شامل آهن.
شروعاتي ڄاڻ موجب جهيڙو گاهه ڪرڻ تان شروع ٿيو، جنهن بعد فائرنگ ڪئي وئي. زخمين الزام هنيو آهي ته هڪ نوجوان گاهه ڪري رهيو هو ته کوسا برادري جي ماڻهن مٿس سڌيون گوليون هنيون.
واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته پوليس طرفان وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا آهن.


