لاڙڪاڻو ( رپورٽ: علي گل ڏيٿو ) باقراڻي تعلقي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي خير محمد آريجا ڀرسان ڳوٺ عبدالصمد تنيو ۾ گهر ڀرسان موجود کڏ ۾ وهنجڻ دوران ٽي نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون.
اطلاعن موجب، فوت ٿيل نينگرين ۾ 7 ورهين جي دعا ڌيءَ علي گوهر شيخ، ظهره ڌيءَ علي گوهر شيخ ۽ تنجينا ڌيءَ محمد اقبال شيخ شامل آهن.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن نينگرين کي کڏ مان ڪڍي ورتو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. واقعي کانپوءِ لاڳاپيل اختيارين وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


