اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي جنرل سيد عامر رضا ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو عهدو سنڀالي ورتو، جنهن بعد کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل سيد عامر رضا يادگارِ شهدا تي حاضري ڀري، شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ملڪ لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات پڻ ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل سيد عامر رضا کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا کي فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ ۽ کيس ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
جنرل عامر رضا 1988ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته يونيورسٽي آف ناٽنگهم مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ڊگري پڻ حاصل ڪئي.
هو جنوري 2025ع ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ٿيو هو. ان کان علاوه هو فور ڪور جي ڪمانڊر ۽ هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جي چيئرمين طور به ذميواريون انجام ڏئي چڪو آهي.


